سپريم ڪورٽ جي ججن جي فخرو ڀائي جي قبر تي فاتحه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي چيف جسٽس گلزار احمد جمعي تي  نور باغ ميوه شاهه قبرستان پهچي جسٽس (ر) فخرالدين جي ابراهيم جي قبر تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. سخت حفاظتي انتظامن هيٺ  چيف جسٽس گلزار احمد سپريم ڪورٽ جي ٻين ججز سان گڏ عظيم انسان ۽ اصول پرست قانوندان مرحوم فخرالدين جي ابراهيم جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي جسٽس فيصل عرب، جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس مقبول باقر  پڻ موجود هئا. بعد ۾ چيف جسٽس گلزار احمد ٻين ججز سان گڏ مرحوم فخرالدين جي ابراهيم جي پٽ سان تعزيت پڻ ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس فخرالدين جي ابراهيم جي خدمتن تي يادداشت واري ڪتاب ۾ پنهنجو نوٽ لکندي سندس خدمتن کي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو