اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اي فائيلنگ جو نئون نظام متعارف ڪرايو ويو. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، عدالت ۾ اي فائيلنگ جو نئون نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، هاڻي ڪيس ۽ درخواستون آن لائن به جمع ڪرائي سگهبيون. پڌرائي موجب، 17 مارچ 2025 کان ڊجيٽل فائيلنگ جي شروعات ٿيندي، نئين نظام سان عدالتي ڪارروائيءَ ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي.
