سلطانپور( رپورٽ زاهد مهر) ڳوٺ محمد امين مهر ۾ مشهور تعليم دان مرحوم استاد الهجڙيومهر جي ياد ۾ سپر سڪس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ٿي گذريو، جنهن ۾ المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم ڳوٺ وزير ملاڻو ۽ الحيدري ڪرڪيٽ ٽيم ڳوٺ ڪريم بخش تڙت وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. سخت مقابلي بعد الحيدري ڪرڪيٽ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي ڇهن اوورن ۾ 124 رنسن جو اسڪور ڪيو ۽ المهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم کي 125 رنسن جو حدف ڏنو. جيڪو المهراڻ ٽيم چيز ڪندي ٽوٽل 70 رنسن تي ڍير ٿي وئي. اهڙي طرح الحيدري ڪرڪيٽ ٽيم 55 رنسن تان فائينل کٽي ورتي. جنهن بعد فاتح ٽيمن سميت رنر اپ رانديگرن کي پڻ انعام ڏنا ويا، جنهن ۾ مين آف دي سيريز صدورو بلو، موسٽ وڪيٽ ٽيڪر منٺار علي ملاڻو، جڏهن ته مين آف دي ميچ الحيدري ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان صدورو بلو رهيو. کيس ڇهن اوورن ۾ 60 رنس ناٽ آئوٽ جي بنياد تي مين آف دي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو، مهمان خاص ۾ ڊاڪٽر فتح محمد مھر، استاد واحد بخش مهر، صحافي محمود مهر، محمد افضل مهر، اشرف خان گوپانگ، عالم خان ملڪ، حسين بخش مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته ونر ٽرافي الحيدري ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان صدورو بلو کي استاد واحد بخش مهر پاران ڏني وئي.
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو
حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون
پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي: حيدري
پنجاب کي سڄي دنيا لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي