ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري اڄ پنهنجو مذهبي ڏڻ هوليءَ جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي. ان سلسلي ۾ اڄ شام جو مندرن توڙي گهرن ۾ هوليءَ جو مچ ٻاري خوشحالي لاءِ دعائون گهريون وينديون ۽ عبادت ڪئي ويندي. جڏهن ته سڀاڻي ڌوڙيو جي تهوار تي هندو برادري هڪٻئي تي رنگ هاري خوشي جو اظهار ڪندي. هن خوشي جي موقعي تي سنڌيار سٿ پاران سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪندي ساڻن خوشي جو اظهار ڪريون ٿا.
اگر آپ کو کسی مخصوص خبر کی تلاش ہے تو یہاں نیچے دئے گئے باکس کی مدد سے تلاش کریں