سڀ ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن جو شڪار آهن: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه عوام کي مفت سولر سسٽم جي ورهاست جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي. ناصر حسين شاهه ايڪسپو سينٽر ۾ گفتگو ڪندي چيو ته سڀ ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن جو شڪار آهن، حڪومت لوڊشيڊنگ ۽ اوور بلنگ جو نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سولر منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان هڪ لک 60 هزار سولر سسٽم مفت ورهائينداسين، انورٽر ۽ بيٽري بيڪ اپ به ڏينداسين، ان سلسلي ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته ٿرڪول نيشنل گرڊ ۾ سڀ کان سستي بجلي ڏئي رهيو آهي، 300 يونٽ وارا وارن واهپيدارن کي منشور ۾ ڪيل واعدن موجب رليف ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو