ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اوڀر جا غير ضمانتي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بار بار سمن جي باوجود، ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ الطاف شيخ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اعجاز عدالت ۾ پيش نه ٿيا. عدالت ٻنهي آفيسرن جي توهين عدالت جي الزام ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ ايس ايس پي ايسٽ کي عدالتي حڪم تي عمل درآمد ڪرڻ ۽ آفيسرن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
