سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه کان منشيات فروشن خلاف سخت آپريشن جا حڪم جاري ڪندي سڄي سنڌ مان نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي اهلڪارن کي طلب ڪري ورتو آهي.سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت اهم اجلاس ٿيو، سينيئر وزير منشيات فروشن خلاف آپريشن جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا،اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته سڀاڻي کان مرحليوار آپريشن شروع ڪيو ويندو،پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آپريشن شروع ڪيو ويندو،منشيات خلاف ڪارروائي جو دائرو وسيع ڪندي ٻين ضلعن ۾ به آپريشن شروع ڪيو ويندو،اسان جو ٽارگيٽ ڪرسٽل، آئس، هيروئن، آفيم ۽ چرس آهي،ان جو خاتمو هر قيمت تي يقيني بڻائڻو پوندو،پوليس ۽ رينجرز ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيمن سان سهڪار لاءِ هر وقت تيار آهن،سڀني کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي بچائڻ ۽ منشيات کان پاڪ معاشري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،منشيات خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي انعام ڏنا ويندا،اينٽي نارڪوٽڪس آپريشن جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان،آفيسرن کي هدايت ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته آپريشن جي رپورٽ روزاني بنياد تي ڏني وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو