اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ملڪ ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ 7 ڏينهن واري پوليو مهم دوران 115 ضلعن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 3 ڪروڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. 9 کان 15 سيپٽمبر تائين هلندڙ خصوصي مهم ۾ 2 لک 86 هزار پوليو ورڪر حصو وٺي رهيا آهن. مهم دوران پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا. وزيراعظم شهباز شريف پوليو مهم ۾ ٻارن کي ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته انهن سڀني جو شڪر گذار آهيان جن پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪيو، وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي پوليو جو داغ ختم ڪندي ۽ ايندڙ مهينن ۾ ملڪ مان پوليو جو خاتمو آندو ويندو. ياد رهي ته هلندڙ سال 17 پوليو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ 12 بلوچستان، 3 سنڌ ۽ هڪ هڪ پنجاب ۽ اسلام آباد جا ڪيس شامل آهن. ڪي پي ۾ 33 نالن جا سيمپل ٽيسٽ ڪيا ويا ته سڀني ۾ وائرس موجود هو. لڪي مروت جي سيمپل ۾ اسلام آباد ۾ رپورٽ ٿيل ڪيس جهڙو وائرس مليو آهي.
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف
پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، گهرو وزارت ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري
پاڪ آمريڪا لاڳاپا علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن: جوبائيڊن
برساتي پاڻي کان وڌيڪ گندو پاڻي روڊن لاءِ خراب آهي،سعيد غني