سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 65 سيڪڙو،ڪيترائي واهه بند

سکر(رپورٽر) سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جنهن سبب زرعي شعبي سميت عوامي حلقن ۾ پريشاني جي لهر پکڙجي وئي آهي، ذريعن موجب سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 65 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته گڊو بئراج تي 20 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 49 سيڪڙو پاڻي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سکر بئراج وٽ پاڻي جو وهڪرو 16 هزار 160 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته ڊائون اسٽريم ۾ رڳو 6 هزار 150 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، گڊو بئراج تي به صورتحال ڪا خاص نه آهي، جتي اپ اسٽريم ۾ پاڻي جو وهڪرو 22 هزار ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم 18 هزار 251 ڪيوسڪ آهي.ڪوٽڙي بئراج وٽ اپ اسٽريم جو وهڪرو 5 هزار 210 ڪيوسڪ آهي پر هيٺانهون وهڪرو رڳو 200 ڪيوسڪ آهي، ٻئي طرف تربيلا ڊيم ۾ به وهڪرو 15 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته ذخيرن ۾ پاڻي صرف 2 فوٽ رهجي ويو آهي ۽ ڊيم جي سطح 1402 فوٽ تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته گڊو بئراج مان نڪرندڙ واهن ۾ به پاڻي جي شديد کوٽ محسوس ڪئي وئي آهي. ڊيزرٽ پٽ فيڊر ڪينال ۾ 69 سيڪڙو ۽ گهوٽڪي فيڊر ڪينال ۾ 7 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بيگاري ۽ برساتي ڪينال مڪمل طور بند ٿي ويا آهن. هوڏانهن ڪلري باغ ڪئنال ۾ 15 سيڪڙو، اڪرم واهه ۾ 64 سيڪڙو، پراڻي ۽ نئين ڦليلي واهه ۾ 100 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو