سکر(بيورو رپورٽ) سکر بيراج تي پاڻي جي کوٽ 78 سيڪڙو ٿي وئي ۽ گذريل 50 سالن جي کوٽ جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. سکر بيراج جي چيف انجنيئر جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ گهرج 27 870 ڪيوسڪس آهي پر اڄ 7850 ڪيوسڪس پاڻي رڪارڊ ٿيو آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته مرمت لاءِ 3 واهه، دادو، کير ٿر ۽ رائيس ڪينال بند آهن. نارا ڪينال ۽ روهڙي ڪينال ۾ 75 سيڪڙو کوٽ آهي. خيرپور ايسٽ ۽ خيرپور ويسٽ ۾ 60 سيڪڙو کان مٿي کوٽ آهي. زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سال خريف جا فصل سخت متاثر ٿيندا. سنڌ جي 70 سيڪڙو آبادي جو دارو مدار زراعت تي آهي.
