سکر ۾ هن صدي جي وڏي ۾ وڏي برسات پئي آهي، ميئر

سکر(رپورٽ امداد گل ڪلوڙ) شهر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته سکر ۾ پاڪستان جي 77 سالن جي تاريخ ۾ تيز ترين برسات پئي آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ارسلان شيخ چيو ته سکر ۾ موجوده صدي جي سڀ کان وڏي برسات جيڪا 290 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته 2022 ۾ 12 ڏينهن ۾ 374 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي، موجوده اسپيل ۾ رڳو هڪ ڏينهن ۾ 290 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته شهر جي 80 سيڪڙو علائقن ۾ ڊرينيج جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، 20 سيڪڙو علائقن ۾ پاڻي ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي، جلد معمول جي زندگي بحال ٿي ويندي. ميئر سکر چيو ته وينزويلا ۾ هڪ ڏينهن ۾ 400 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ترقي يافته شهر هجڻ باوجود شهر کي قدرتي آفتن کان بچائي نه سگهيو. هن چيو ته اسان تسليم ڪريون ٿا ته اسان 100 سيڪڙو نتيجا حاصل نه ڪيا آهن پر نسبتا بهتري آئي آهي. جن علائقن ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون، انهن علائقن ۾ اڄ به اها صورتحال ناهي، شهرين کي پاڻ شهر جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو