سکن بابت تبصري تي، ڪامران اڪمل معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي(ويب ديسڪ) ڪامران اڪمل هربجن سنگهه جي پرزور احتجاج ۽ لان تان کانپوءِ ڀارتي بالر ارشديپ بابت پنهنجي نسل پرست مزاق بابت معافي وٺي ڇڏي. پاڪ ڀارت ميچ دوران اي آر واءِ تي ميچ دوران تبصرو ڪندي هن چيو هو ته آخري اوور ارشديپ ڪندو ۽ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، هونئن به هو رڌم ۾ نٿو لڳي ۽ ٽائم به 12 ٿي رهيو آهي. سکن بابت هڪ جوڪ مشهور آهي ته هو رات ٻارهين وڳي اک پٽيندا آهن. نادر شاهه جڏهن هندوستان تي حملو ڪيو هو ته سند فوج ڪيتريون عورتون اغوا ڪيون هيون ۽ سکن تعداد ۾ گهٽ هئڻ سبب رات جو ٻارهين وڳي مٿن حملو ڪري عورتون ڇڏايون هيون. ان وقت کان پوري هندوستان م جوڪ مشهور آهي ته سک رات ٻارهين وڳي جاڳندا آهن يا غيرت ڪندا آهن. ان تناظر ۾ ڪامران اڪمل جي تبصري تي اڳوڻي ڀارتي بالر هربجن ڪامران اڪمل کي مينشن ڪندي چيو ته ’لک جي لا نت توتي. توکي پنهنجو گندو وات کولڻ کان اڳ سکن جي تاريخ جي خبر هجڻ گهرجي ته سکن اوهانجي حملا آورن هٿان اغوا ڪيل مائرن ڀينرن کي آزاد ڪرايو هو. اوهانکي شرم اچڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو