ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا حريم فاروق جو چوڻ آهي ته شادي لاءِ گهر جا ڪم ڪرڻ ضروري ناهي، مڙسن کي به زالن سان گڏ گهر جا ڪم ڪرڻ گهرجن. تازو ئي ۾ هڪ خانگي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي حريم فاروق چيو ته شادي جي معيار جي طور تي عورت کي کاڌو پچائڻ، ٿانو ڌوئڻ ۽ ٻيا ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ صحيح ناهي. حريم فاروق چيو ته اهي ڪم ڪرڻ گهرجن ڇو ته هڪ انسان کي زندگي گذارڻي آهي، پر اهي سڀ ڪم صرف عورتن کي نه پر سڀني کي ڪرڻ گهرجن. اهي ڪم مڙسن کي به ڪرڻ گهرجن. اداڪاره چيو ته سٺي شادي لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ضروري آهن. ڳالهين کي جاري رکندي حريم چيو ته سٺي شادي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي لاءِ صبر، احترام ۽ محبت رکڻ گهرجي، هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان رهڻ سکڻ گهرجي.حريم فاروق چيو ته شادي تمام گهڻي مزيدار لڳي ٿي، جنهن ۾ تقريبون، تياريون ۽ گهر جا ڪم شامل آهن، پر ڪنهن به رشتي وانگر، ان کي سنڀالڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، ۽ ان لاءِ همت ۽ صبر جي ضرورت آهي.
