اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عورتن جي شادي جو سندن معاشي خودمختياري سان ڪو تعلق ناهي، جيڪڏهن شادي کانپوءِ به پٽ پيءُ جو جانشين ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڌيءَ ڇو نه ٿي سگهي؟ سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري ملازم جي لاڏاڻي بعد ڌيءَ کي نوڪري کان محروم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ ڪئي، جتي عدالت پيءُ جي جاءِ تي ڌيءَ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي دليل ڏيندي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي موجب سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي نوڪريون ترجيحي بنيادن تي نٿيون ڏئي سگھجن. جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو 2024ع جو آهي، جڏهن ته موجوده ڪيس ان کان اڳ جو آهي، سپريم ڪورٽ جو اِهو فيصلو ماضي تي لاڳو نه ٿو ٿي سگهي، عورت کي نوڪري ڏئي اوهان برطرف ڪيئن ڪري ڇڏيو؟ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي موقف اختيار ڪيو ته عورت جي شادي ٿي چڪي آهي، ان ڪري هوءَ پيءَ جي جاءِ تي نوڪري جي اهل ناهي رهي.جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي ته شادي کانپوءِ ڌيءَ نوڪري جي اهل نٿي رکي؟ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ٻڌايو ته ڪي پي سول سروس ايڪٽ تحت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ذريعي عورت کي برطرف ڪيو ويو.جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هاڻي هڪ سيڪشن آفيسر قانون جي پنهنجي مرضي سان تشريح ڪندو؟عدالت عورتن جي معاشي خودمختياري ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. عدالت درخواستگذار عورت زاهده پروين جي درخواست منظور ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.
