ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ) 8ڊسمبر تي دمشق تي باعين جي قبضي کان اڳ هڪ معاهدي جي نتيجي ۾ بشارالاسد برطانوي شهريت رکندڙ زال اسما ثن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ روس فرار ٿي ويو، جتي کيس پناهه ملي آهي. بشار الاسد جنهن جي دولت جو اندازو 2 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، تنهن ماسڪو ۾ گهڻو وقت اڳ 200 کان مٿي پراپرٽيز خريد ڪري ڇڏيون هيون جن ۾ پنهنجي رهائش گاهه به شامل اٿس. هن پنهنجا خريد ڪيل اپارٽميمنٽ ۽ دوڪان ڪرائي تي ڏنا هئا جنهن مان سندس انڪم به شروع ٿي چڪي هئي. ڪمرشل پائلٽ جو لائسنس رکڻ واري بشارالاسد جي اقتدار ۾ اچڻ جو ڪو امڪان نه هو ۽ هو پنهنجي ڊاڪٽر زال سان گڏ برطانيا ۾ رهائش پذير هو. سندس وڏو ڀاءُ جڏهن بغاوت ۾ مارجي ويو ته هنجي اقتدار جي لاٽري نڪتي ۽ 2000 ۾ سندس والد حافظ الاسد جي وفات بعد سندس 29 سالن جي اقتدار جي پڄاڻي بعد بشارالاسد اقتدار سنڀاليو ۽ سندس 24 سالن جي راڄ جو انت 8 ڊسمبر تي آيو ، الاسد خاندان جي 53 سالن جو اقتدار ختم ٿي ويو. 2011 ۾ شروع ٿيل عرب اسپرنگ دوران شام ۾ بغاوت شروع ٿي جنهن کي روس ۽ ايران جي مدد سان بشار الاسد جي حڪومت دٻائي ڇڏيو. نومبر جي آخر ۾ ٻيهر ڀڙڪيل بغاوت ٻن هفتن کان به گهٽ وقت ۾ تيزي سان شام جي گادي واري شهر دمشق سميت اهم ۽ وڏن شهرن تي قبضو ڪري ورتو. جنهن جو مک سبب روس ۽ ايران پاران بشارالاسد جي حڪومت بچائڻ ۾ دلچسپي ختم ٿي وئي ۽ انهن باغين سان لاڳاپا قائم ڪري ورتا. شام ملڪ جي مختلف حصن تي مختلف پاڙيسري ملڪن، اسرائيل، ترڪي، لبنان، عراق، اردن جو ڪيترو اثر رسوخ آهي ۽ ڪير ڇا پيو ڪري؟ ڪردن جو ڪهڙن علائقن تي قبضو آهي، روس ۽ آمريڪا جا اڏا ڪهڙن علائقن ۾ آهن؟ ان جو تفصيلي جائزو پيش ڪريون ٿا.
هيئت تحرير الشام جي قبضي وارا علائقا.
هن تنظيم جي نالي جو مطلب جو شام جو آزادي پسند گروپ سڏجي ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته عربي ۾ تحرير جو مطلب فريڊم آهي. سوا 2 ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ شام جي مختلف علائقن ۾ ننڍا ننڍا مزاحمتي گروپ هئا جن سني اسلامي سوچ وارن مزاحمتي گروپن گڏجي اتحاد ڪري هي تنظيم ٺاهي. 24 آڪٽوبر 2024 تي هن جي باغي گروپن ادلب تي قبضو ڪيو، 3 ڊسمبر تي حلب، 5 ڊسمبر تي حماه، 7 ڊسمبر تي حمص ۽ 8 ڊسمبر تي دمشق تي قبضو ڪيو، شامي فوج يا ڪنهن به گروپ هنن جي ڪٿي به رستا روڪ نه ڪئي.
شام ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ، ڪهڙا پاڙيسري ملڪ آهن
ميڊيٽرينين سمنڊ يعني بحيره روم جي اوڀر ۾ هي ملڪ واقع آهي. شام جي اترين سرحد ترڪي سان، الهندي ۽ ڏکڻ اولھه سرحد لبنان ۽ اسرائيل سان، اڀرندي سرحد عراق سان ۽ ڏاکڻي سرحد اردن سان ملي ٿي. شام جي تڪرار دوران، ترڪي، مغربي طاقتن ۽ ڪيترن ئي خليجي ملڪن مختلف طريقن سان شام جي مخالف گروپن جي حمايت ڪئي. لبنان ۾ حزب الله، جنهن کي ايران جي حمايت حاصل آهي، ماضي ۾ شام ۾ سرڪاري فوجن سان وڙهندي رهي آهي پر اسرائيل سان تازي تڪرار جي ڪري ڪمزور ٿي وئي آهي.
8 ڊسمبر بعد اسرائيل جي شام تي ڪيل حملن جو تفصيل
اسرائيل شامي فوج جي پسپائي ۽ اهم فوجي ٺڪاڻن تان هٽي وڃڻ يا غير فعال ٿيڻ کي بهتر موقعو سمجهندي شامي فوج جي هٿيارن جي فيڪٽرين، ڊپوز، جنگي هوائي اڏن، جهازن، هيليڪاپٽرن ۽ سامونڊي جنگي ٻيڙن، ويئر هائوسز ۽ مختلف ٺڪاڻن تي فضائي حملا ڪيا ۽ گولان جي 60 ڪلوميٽر ڊگهي پهاڙي پٽي ۽ ان جي آس پاس قائم ڪيل بفرزون تي قبضو ڪيو ۽ اسرائيل فورسز لاڳپيل شامي سرزمين وارن علائقن ۾ فوج قبضو ڪيو آهي. شام جي گادي واري شهر دمشق کان گولان جو پهاڙيون رڳو 60 ڪلوميٽرن فاصلي تي واقع آهن. سڄو شهر سندس شارٽ رينج ميزائيل جي مار تي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي حملن ۾ شامي فوج جي چيلهه ڄٻي ٿي وئي آهي ۽ کين 8 ڊسمبر کان اڳ واري حيثيت ۾ آڻڻ لاءِ اربين ڊالر جي رقم جي ضرورت پوندي جنهن لاءِ سالن جو عرصو گهربل هوندو. اسرائيل جي وزيراعظم شام سان 1974 ۾ ٿيل معاهدو به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪافي وڏي شامي علائقي کي پنهنجو حصو قرار ڏيڻ شروع ڪيو آهي. گولان جي پهاڙين کي 1981۾ هڪطرفي طور اسرائيل پنهنجي ملڪ جو حصو قرار ڏنو هو، جنهن کي گڏيل قومن ته تسليم نه ڪيو هو پر 2019 ۾ آمريڪا تسليم ڪيو هو. بي بي سي اسرائيل پاران شام ۾ ڪيل بمباري وارن علائقن جي نشاندهي ۽ تباهه ڪيل جنگي ساز سامان بابت مبهم تصوير ڏني آهي ۽ تفصيلي ذڪر به ناهي ڪيو. جنهن نموني روس ۽ ترڪي جي اڏن ۽ حملن جي واضح سمجهاڻي آهي ان طرح آمريڪي ۽ اسرائيلي فورسز تي ڄڻ ڍڪ رکيو آهي.
شام جي مختلف علائقن تي جنگجو گروهن جو قبضو ۽ لڙائي
• ڳاڙهي رنگ ۾ ظاهر ڪيل علائقا هيئت تحرير الشام جي قبضي ۾ آهن.
• هلڪي واڱڻائي رنگ وارا علائقا ڪرد ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي قبضي ۾ آهن.
• گهاٽي واڱڻائي رنگ وارا علائقا ترڪي نواز ڪرد باغينجي ڪنٽول ۾ آهن.
• هيڊي رنگ وارا علائقا ترڪ فوج ۽ سندن حامين جي قبضي ۾ آهن.
• شام جي اتر ۾ منبج واري علائقي ۾ ترڪ فوج ۽ ڪرد ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي هٿياربند باغين م جهڙپون هلندڙ آهن ۽ لاڳپايل ڌرين مختلف علائقن تي ڪنٽرول جي دعوا ڪئي آهي جنهن جي آزاداڻي تصديق في الهال ممڪن ناهي.
شام ۾ روسي فوجي اڏا ڪٿي آهن؟
بحيره روم واري ڪناري تي هڪ پاسي حميميم ۾ روس جو هوائي اڏو قائم آهي ته ٻئي پاسي طرطوم ۾ روس جي نيوي جو اڏو قائم آهي. 2015 ۾ بشارالاسد 49 سالن جي ليز تي هي اڏا روس کي ڏنا هئا. جتي روس جا هزارين فوجي موجود آهن. روس جا پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ڪنهن به ملڪ ۾ هي واحد عالمي فوجي اڏا آهن. جتان هو آفريڪي ملڪن ۾ مختلف روسي ڪمپنين جي ڪانٽريڪٽرز، ملازمن ۽ انجنيئرز کي حفاظت سان پهچائيندو آهي يا هتي منتقل ڪرڻ بعد محفوظ انداز ۾ واپس پنهنجي ملڪ موڪليندو آهي. روس جي ڪوشش آهي ته شام ۾ قائم ٿيندڙ نئين حڪومت سان به هو پنهنجي ليز جا معاهدا جاري رکڻ چاهي ٿو ۽ آخري وقت ۾ بشار الاسد جي مدد نه ڪرڻ ۽ باغين تي بمباري کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو به ان مقصد خاطر ئي ڪيو.
شام ۾ آمريڪي فوجي اڏا ڪٿي واقع آهن؟
بي بي سي جي رپورٽ ۾ آمريڪي اڏن جو ذڪر ناهي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪو نقشو ڏنو ويو آهي. هڪ آمريڪي ويب سائيٽ تي مختلف رنگن ذريعي مختلف گروپن جي قبضي وارن علائقن جو تفصيل هن طرح ڏنو ويو آهي. هن مان صاف ظاهر آهي ته روس جي فوجي اڏن جي وچ واري سامونڊي علائقي۾ ترڪي جي فوج موجود آهي ۽ روس جي اڏن جي ويجهو ويجهو علائقن ۾ آمريڪي فوج جا اڏا آهن. عراق سان شام جي ملندڙ سرحد تي اڪثر علائقن ۾ به آمريڪي اڏا موجود آهن. جيتوڻيڪ آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته شام ۾ سندن 900 فوجي موجود آهن ۽ باقي سندن اتحادي آهن، جن جو تفصيل ناهي ڏنو ويو. شام جي تيل پيدا ڪرڻ وارن علائقا اهي ئي آهن جيڪي آمريڪي اڏن جي آس پاس آهن. شام 2011 کان تيل ايڪسپورٽ ناهي ڪيو ڇو ته مٿس عالمي پابنديون آهن.