لنڊن (ڊيسڪ نيوز) شام جي اتر اوڀارين علائقي ۾ ڪردن خلاف ترڪيءَ جي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهندڙ ”نيشنل آرميءَ“ ۾ هزارين جنگجو شامل آهن. جنگجوئن جي ان فوج بابت تمام گھٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي. شام ۾ مخالف ڌر جا ڪيترائي جنگجو گروهه 2011 کان صدر بشارالاسد خلاف جدوجهد ۾ مصروف آهن انهن مان ڪيترن گروهن کي ترڪي مالي ۽ فوجي مدد ڏيندو رهيو آهي. انهن گروهن کي ريگيولر فوج وانگر هڪ ڇٽيءَ هيٺ گڏ ڪري ان جو نالو ”فري سيريئين آرمي“ رکيو ويو. سمورن گروهن کي هڪ نالي هيٺ گڏائڻ وارو ڪم 2016 ۾ ترڪ فوج پاران شام جي سرحدي علائقن ۾ ڪردن خلاف فرات شيلڊ نانءَ وارو فوجي آپريشن ڪرڻ وقت ڪيو ويو. سمورن گروهن کي هڪ ڇٽيءَ هيٺ گڏ ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته انهن سان رابطي ۾ سولائي ٿئي ۽ انهن گروهن جا پاڻ ۾ ٿيندڙ جهيڙا نه ٿين.

پر 2018 ۾ ترڪيءَ پاران شام جي عفرين علائقي ۾ آپريشن شروع ڪرڻ کان پهريان ان جي حامي شامي جنگجوئن کي پهريان کان به وڏي بينر ”سيريئين نيشنل آرميءَ“ تحت ڪٺو ڪيو ويو. ساڳيءَ ريت شام جي ادلب واري علائقي ۾ ترڪن جي حمايت ڪندڙ جنگجوئن جو هڪ ٻيو وڏو گروهه ”نيشنل لبريشن فرنٽ“ جي نالي سان قائم هيو. 04 آڪٽوبر 2019 جي شام ڪردن خلاف ترڪيءَ جي فوجي آپريشن کان پنج ڏينهن پهريان سيريئين نيشنل آرمي ۽ ادلب واري نيشنل لبريشن فرنٽ کي گڏائي انهن گروهن کي نئون نالو ”نيشنل آرمي ڏنو ويو آهي. انهيءَ آرميءَ جي سربراهي جنرل سليم ادريس کي ڏني وئي آهي جيڪو فري سيريئين آرميءَ جو پهريون ڪمانڊر هيو ۽ سندس ترڪ حڪومت سان ويجها لاڳاپا قائم آهن. سيريئين نيشنل آرميءَ جا عفرين ۽ فرات ۾ 40 هزار جنگجو آهن. جڏهن ته ادلب ۾ نيشنل لبريشن فرنٽ وٽ 70 هزار جنگجو آهن. جڏهن ته ترڪيءَ جي سرڪاري ٽي ويءَ خبر ڏيندي چيو ته نيشنل آرميءَ جا 60 هزار ويڙهاڪ ترڪ فوج سان گڏ آهن.

نيشنل آرميءَ جي هڪ ڪماندڙ بي بي سيءَ کي ٻڌايو آهي ته آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ 40 هزارن مان صرف 14 هزار جنگجوئن کي اتراوڀارين سرحد تي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ادلب مان اڃان تائين هڪ به جنگجوءَ کي مقرر ناهي ڪيو ويو. ادلب جو هڪ جنگجو گروهه جيش الاسلام ترڪ فوج سان گڏجي وڙهڻ لاءِ تيار آهي پر اهو نيشنل آرميءَ جو حصو ناهي. نيشنل آرميءَ ۾ 30 هٿياربند گروهه شامل آهن. جن کي چئن وڏن گروهن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. انهن کان علاوه ٻه وڏا عرب گروهه حمزه ۽ مصتنصر بالله برگيڊ به نيشنل آرميءَ جو حصو آهن. انهن ٻنهي گروهن کي آمريڪا ۽ ترڪيءَ گڏجي 2015 ۾ اسلحو ۽ تربيت ڏني. انهن جنگجو گروهن کي ترڪ فوج سرحدن جي نگراني ۽ ڪنٽرول ٿيندڙ علائقن جا انتظام سنڀالڻ تي مقرر ڪري رهي آهي جڏهن ته نيشنل آرمي ترڪ فوج کي پيشقدميءَ وقت گائيڊ پڻ ڪندي رهي ٿي.
(تصويرون ۽ مواد بي بي سيءَ جي ٿورن سان) .