شانگله: پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد، 4 زخمي

سوات: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات جي علائقي شانگله ۾ پوليس مٿان دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب نامعلوم دهشتگردن شانگله جي تعلقي چڪيسر جي حدن ۾ واقع گنانگر پوليس چوڪي تي حملو ڪيو. اختيارين موجب چڪيسر گنانگر پوليس چوڪي تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب شهادت ماڻيندڙن ۾ ايس ايڇ او محمد حسن خان، سپاهي نثار خان شامل آهن. حملي ۾ اهلڪار مرزا ارشد اقبال، سپاهي ارشد گنانگر سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس اختيارين موجب هڪ زخمي سپاهي جو تعلقه ميره سان آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس چوڪي تي خوارج دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ فائرنگ سبب شهادت ماڻيندڙ 2 پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.گهرو وزير اي ايس آءِ حسن خان ۽ هيڊ ڪانسٽيبل نثار خان جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو جڏهن ته شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.محسن نقوي چيو ته زخمي ٿيندڙ 3 پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان خيبرپختونخواهه پوليس جي اي ايس آءِ حسن خان ۽ هيڊ ڪانسٽيبل نثار خان شهادت جو وڏو رتبو ماڻيو آهي. هن چيو ته شهيد اسان جو سرمايو آهن، انهن جي خاندان وارن سان گڏ آهيون. خيبرپختونخواهه پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو