شاهد آفريدي، ڏاهاڻي تي ڪاوڙ ۽ شاهين جي تعريف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي شاهنواز ڏاهاڻي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته شاهنواز ڏاهاڻي هڪ سال گذرڻ باوجود ڪارڪردگي بهتر ناهي ڪئي. هن چيو ته نسيم شاهه ۽ شاهنواز ڏاهاڻي اهي ٻه رانديگر آهن جن قومي ٽيم لاءِ 4 کان 5 دورا ڪيا پر ان باوجود شاهنواز گذريل هڪ سال ۾ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ناهي ڪئي. دستي جي جشن بابت ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته دستي جو جشن ختم ٿي ويو آهي، کين هاڻي پنهنجو ڌيان ڪرڪيٽ تي رکڻ گهرجي، اهي شيون تڏهن سٺيون لڳنديون آهن جڏهن اوهان جي ڪارڪردگي سٺي هجي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته مان داني مان خوش نه آهيان، هن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ اميد آهي ته هو ڪندو. ٻئي پاسي هن پنهنجي ناٺي شاهين آفريدي جي هر شعبي ۾ ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. هن چيو ته شاهين سدائين مون کان پنهنجي بيٽ گهرندو آهي جيڪا مون کيس اڃان ناهي ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو