ممبئ (ويب ڊيسڪ)مشهور بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا جا ضمانتي وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ممبئي جي هڪ عدالت سيف علي خان 2012 جي هوٽل حملي ڪيس ۾ شاهد طور تي مسلسل غير حاضري تي ملائڪا خلاف ضمانتي وارنٽ ٻيهر جاري ڪري ڇڏيا آهن.اهي وارنٽ ڪالهه جاري ڪيا ويا هئا ۽ عدالت هن مهيني جي آخر تائين ضمانتي وارنٽن بابت رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، گذريل ڏينهن سيف علي خان سميت سڀني جوابدارن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي ۽ غير حاضر رهيا، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.ملائڪا اروڙا کي اڳ ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، پر هوءَ غير حاضر رهي، جنهن کان پوءِ عدالت هدايت ڪئي ته اداڪاره خلاف 5 هزار رپين جا ضمانتي وارنٽ ٻيهر جاري ڪيا وڃن.
