شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو

سنگاپور(ويب ڊيسڪ) مڪسڊ مارشل آرٽس (ايم ايم اي) فائٽر شاهزيب رند تاريخ رقم ڪندي اربع تي سنگاپور ۾ ڪراٽي ڪامبيٽ چيمپيئن شپ (KC-49) کٽي ورتي ۽ پاڪستان طرفان پهريون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو. هن برازيل جي برونو روبرٽو ڊي ايسس کي فائنل ۾ شڪست ڏني، جيڪو پاڻ کي “دنيا جي پريميئر پليئر طور پيس ڪندو هو. گڏيل مارشل آرٽ هڪ مڪمل رابطي واري جنگي راند آهي جنهن ۾ مارڻ، گريپنگ ۽ گرائونڊ تي وڙهڻ شامل آهن. ايم ايم اي دنيا جي مختلف ڪامبيٽ راندين جون سڀ ٽيڪنيڪ هن ۾ شامل آهن. فتح تي تبصرو ڪندي، بلوچستان سان تعلق رکندڙ 26 سالن جي نوجوان چيو ته اهو هڪ “خواب ساڀيان ٿيو” هن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ ورلڊ چيمپئن شپ بيلٽ سان گڏ تصوير به شيئر ڪئي آهي. ان کان اڳ هن دبئي ۾ ڀارتي حريف کي شڪست ڏئي تائٽل کٽيو هو. بعد م هن چيو هو ته اها بدقسمتي آهي جو حڪومت چيمپئنز جو قدر نٿي ڪري. ياد رهي ته تازو ميان چنون جي محمد ارسد جويلين ٿرو ۾ اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو ته کيس سڄي ملڪ مان وڏو مان مليو هو. ان کان وڌيڪ ڏکئي گيم ۾ عالمي ٽقائٽل کٽندڙ بلوچستان واسي شاهزيب رند کي ڏسجي ته ڪيترو مان ٿو ملي؟

پهنجو تبصرو موڪليو