شاهه رخ ، اجي ۽ ٽائيگر شروف کي قانوني نوٽيس جاري

ممبئي(ويب ڊيسڪ) عوام کي گمراهه ڪرڻ تي بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان، اجي ديوگن ۽ ٽائيگر شروف کي قانوني نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب، هي نوٽيس جئيپور ۾ قائم ڪنزيومر ڊسپيوٽس ريڊريسل ڪميشن پاران ٽنهي اداڪارن کي پان مصالحي جي گمراهه ڪندڙ اشتهارن جي الزام ۾ جاري ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه، ڪميشن وِمل پان مصالحا جي چيئرمين وِمل ڪمار اگروال کي هڪ نوٽيس پڻ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چئني ماڻهن کي هن مهيني جي 19 تاريخ تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ وِمل ڪمار سميت ٽنهي اداڪارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ذاتي طور تي يا پنهنجن نمائندن ذريعي پنهنجي موجودگي کي ممڪن بڻائين، ۽ غير حاضري جي صورت ۾، ڪميشن هڪ طرفي فيصلي جي خبرداري پڻ ڏني آهي. ان کان علاوه، ڪميشن سڀني اداڪارن ۽ پان مصالحه ٺاهيندڙ ڪمپني کي نوٽيس جي وصولي جي تاريخ کان 30 ڏينهن اندر پنهنجا جواب داخل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جئيپور جي هڪ وڪيل پاران ڪميشن ۾ شڪايت داخل ڪئي وئي هئي ته پان مصالحي ۾ زعفران جي شامل ڪرڻ بابت غلط دعوائون ڪيون ويون آهن، جنهن جي ڪري وڏي تعداد ۾ ماڻهو روزانو هن غير صحت بخش پان مصالحي جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ڪمپني ڪروڙين رپيا ڪمائي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو