شاهه رخ خان کي قتل جي ڌمڪي، وڪيل گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان کي ڪجهه ڏينهن اڳ فون ڪال ذريعي موت جي ڌمڪي ملي هئي پر هاڻي پوليس ڌمڪيون ڏيندڙ فون ڪال ڪرڻ تي هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنگ خان کي قتل جي ڌمڪي ڏيندڙ جوابدار کي راءِ پور مان گرفتار ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ايڊووڪيٽ فيضان خان نالي جوابدار کي ممبئي پوليس آڏو پيش نه ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار فيضان خان جو چوڻ آهي ته 2 نومبر تي سندس فون گم ٿي ويو هو، جنهن خلاف شڪايت به داخل ڪرائي وئي هئي.ايڊووڪيٽ فيضان خان دعويٰ ڪئي ته شاهه رخ خان کي سندس نمبر تان ڌمڪيون ڏيندڙ پيغام سندس خلاف سازش آهي.ايڊووڪيٽ فيضان چيو آهي ته کيس ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته هن 1994ع جي فلم انار ۾ هرن جي شڪار بابت ڊائلاگ تي شاهه رخ خان خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته راءِ پور جي وڪيل کي پوليس اسٽيشن تي فون ڪيو ويو هو، جنهن نمبر تان ڌمڪيون مليون هيون، اهو ڪيس سندس نالي تي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو