شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روٽري فائونڊيشن جي چيئرمين مارڪ مالوني سان ملاقات ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت جي عزم تي زور ڏنو. پاڙيسري ملڪن کان بار بار سرحد پار سفر ڪرڻ سبب سنڌ ۾ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ باوجود بهترين ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وڏي وزير چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسان جي عمل جا هاڪاري نتيجا نڪرندا. ۽ وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت تمام گھٽ غذائيت جو شڪار ٻارن جي مدافعتي قوت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ويڪسينيشن شروع ڪئي آهي. وزيراعليٰ پوليو خلاف پاڪستان ۾ سهڪار تي روٽري فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. ان تي مسٽر مالوني چيو ته روٽري پاڪستان ۾ 23 مستقل ايميونائيزيشن سينٽر قائم ڪيا آهن ۽ سنڌ ۾ هاءِ ريسڪ يونين ڪائونسلن (يو سيز) کي مدد فراهم ڪري رهيا آهن. مالوني چيو ته روٽري فائونڊيشن سماجي رابطن جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي ۽ انهن خاندانن جي وچ ۾ اعتماد کي هٿي ڏئي رهي آهي جيڪي اڳ ۾ وڌيڪ خطري وارن علائقن ۾ ويڪسينيشن کان انڪار ڪندا هئا. وڏي وزير چيو ته تازو ئي ڪراچي جي 85 هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ خصوصي مهم شروع ڪئي وئي آهي جتي سرڪاري اهلڪارن جي ڀرپور مدد سان فريڪشنل انجيڪٽيبل پوليو ويڪسين (IPV) ڪاميابيءَ سان ڏني وئي. هن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران منع ڪندڙ ڪيسن کي مڃرائڻ ۽ پوليو ٽيمن جي مدد ڪرڻ جي ڀرپور تعريف ڪئي. وڏي وزير 5000 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي ڪردار کي به ساراهيو جن مهم دوران فرنٽ لائن ورڪرز لاءِ محفوظ ماحول کي يقيني بڻايو. وڏي وزير سنڌ ۽ پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ چيف سيڪريٽري، ڊويزنل ڪمشنرن ۽ روينيو کاتي جي 3000 کان وڌيڪ ميمبرن، انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن پڻ ڀرپور حصو ورتو. مراد شاهه چيو ته صحت کاتي جي گڏيل ڪوششن سان 5000 کان وڌيڪ خاندانن جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جنهن سان اهو يقيني ٿئي ٿو ته ڪوبه ٻار پوليو خلاف جنگ ۾ پوئتي نه رهجي. اجلاس ۾ ٽرسٽي عزيز ميمڻ، ڊائريڪٽر فيض قدوائي، ايريڪ اسملنگ، رضوان آڌيا ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته وڏي وزير سان صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو