ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل ملاقات ڪري کيس گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل بخيت عتيق الريميثيڪي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاهه کي قونصل جنرل گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. يو اي اي قونصل جنرل جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارات پنهنجي قومي ڏينهن تي سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن به ملهائيندي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه جي گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات دوران ڪراچي ۾ مختلف منصوبن ۾ يو اي اي جي ڪمپنين جي سيڙپڪاري بابت ڳالهيون ڪيون ويون. وڏي وزير مراد علي شاهه اڄ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپيل آفيسرن جي ملاقات طئي ڪرائي. يو اي اي ڪمپنيون ڪراچي ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ، ٽرانسپورٽ، روڊن ۽ پلن جي تعميراتي ڪم جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون.
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو