شاهه محمود قريشي اڊيالا جيل مان لاهور منتقل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان لاهور منتقل ڪيو ويو.جيل ذريعن موجب شاهه محمود قريشي کي اڄ صبح اڊيالا جيل کان سخت سيڪيورٽي ۾ لاهور منتقل ڪيو ويو.جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي کي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي تي لاهور ۾ 9 مئي تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن، پوليس 9 مئي تي جيل ۾ قيد شاهه محمود قريشي کان به جاچ ڪري رهي آهي. وڪيل بئريسٽر تيمور ملڪ جو چوڻ آهي ته لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جا جج اڄ 9 مئي تي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا، شاهه محمود قريشي کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو