بلڙي شاه ڪريم(ذوالقرنين لنڊ) سنڌ جي عظيم بزرگ حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي 408هين سالانه عرس جون تياريون شروع ٿي ويون آھن، ان سلسلي ۾ ٿر رينجرز جي ونگ ڪمانڊر ڪرنل عزيز ڊي سي ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽي مزار تي چادر چاڙھي دعا گهري ۽ درگاھ جو دورو ڪيو. ونگ ڪمانڊر درگاھ تي سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي عرس مبارڪ جي موقعي تي مختلف هنڌن تي ڏھ سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصب ڪيون ويون آھن ۽ سيڪيورٽي لاء رينجرز ۽ پوليس جا جوان ۽ ليڊيز پوليس جي وڏي تعداد ۾ مقرري ڪئي وئي آھي، زائرين مريدن کي واڪ ٿرو گيٽ جي ذريعي درگاھ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي ۽ درگاھ ۾ داخل ٿيڻ جو رستو الگ ۽ ٻاهر وڃڻ جو رستو الگ اختيار ڪيو ويندو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته صحت کاتو, حيسڪو,ٽائون انتظاميه ۽ ريسڪيو جو عملو 24 ڪلاڪ موجود هوندو. ان موقعي تي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ رينجرز, اسسٽنٽ ڪمشنر بلڙي عبدالغفار شيخ، ڊي ايس پي بلڙي سيد مجاهد حسين شاھ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.
