شبنم اسماعيل وومين ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين بال ڪرائي ڇڏيو

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا جي خاتون فاسٽ بالر شبنم اسماعيل وومين ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ تيز ترين بال ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارت ۾ وومينز پريميئر ليگ ۾ ممبئي انڊينز طرفان کيڏندي هن 132.1 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بال ڪيو.ميچ جي ٽئين اوور جي اها ٻي بال آسٽريلوي رانديگر ميگ ليننگ جي پيڊ تي لڳي.رپورٽن مطابق شبنم اسماعيل ان کان اڳ 128 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر گذريل 8 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي ۽ گذريل سال رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.پرڏيهي ميڊيا موجب 35 ورهين جي شبنم اسماعيل پنهنجي 16 سالن جي ڪيريئر دوران 127 ون ڊي ۽ 113 انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو