بيجنگ (ويب ڊسڪ)بيجنگ ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، چيني اي وي بس مينوفيڪچرز سان ملاقات ڪري سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪمپني کي باضابطه طور ڪراچيءَ ۾ اي وي بس جو مينو فيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ قائم ڪرڻ دعوت ڏني. ملاقات ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه به شريڪ هو.سنڌ سرڪار طرفان گرين انرجي ۽ اليڪٽرڪ موبلٽي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار سيڙپڪارن کي ٽيڪس ۾ رعايت، زمين جي فراهمي ۽ ريگوليٽري منظوري جي عمل کي آسان بڻائڻ سميٿ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته سنڌ سرڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ کي جديد ڪرڻ سان گڏ ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچيءَ ۾ اي وي بس پلانٽ لڳائڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هڪ صاف ۽ هاڪاري ٽرانسپورٽ نظام طرف منتقلي به تيز ٿي ويندي. چيني ڪمپني جي نمائندن سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي دعوت جي آجيان ڪندي ڪراچي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. چيني سيڙپڪارن خاطري ڪرائيندي چيو ته جلد ئي هڪ فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي ويندي ته جيئن منصوبي جي معاشي ۽ ٽيڪنيڪل حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي.
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2025/02/12-1.jpg)