شرجيل ميمڻ پاران سيد ابو هريره شاهه کي انعام ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ انٽرنيشنل تائيڪوانڊو چئمپين شپ ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ سيد ابو هريره شاهه کي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملائيشيا ۾ انٽرنيشنل تائيڪوانڊو چئمپين شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ سيد ابوهريره شاهه ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سيد ابو هريره شاهه حقيقي چئمپين آهي، جنهن سنڌ صوبي ۽ پوري قوم جو ڪنڌ فخر سان مٿي ڪيو آهي. هن چيو ته سيد ابو هريره جي شاندار ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سندن نوجوانن ۾ بي پناهه ٽئلينٽ موجود آهي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ پاڪستان جو مستقبل سندن نوجوانن جي هٿ ۾ آهي.سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت راندين سميت سمورن شعبن ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته نوجوانن کي وسيلن تائين پهچ ۽ رهنمائي کي يقيني بڻائڻ سندن ذميواري آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت راندين، صحت ۽ تعليم سميت سمورن شعبن ۾ پنهنجون وڌيڪ ڪاوشون جاري رکندي. شرجيل انعام ميمڻ سنڌ جي نوجوانن کي اپيل ڪندي چيو ته اهي سيد ابوهريره شاهه جهڙن گولڊ ميڊلسٽ جي محنت، لڳاءُ ۽ ڪوششن مان فائدو حاصل ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو