شري ڪالڪا ماتا جو ساليانو ميلو، پوجا پاٺ جاري

سکر(جئرام داس ) روھڙي ويجهو اروڙ ۾ شري ڪالڪا ماتا جوساليانو ميلو ھر سال جيان هن سال به اروڙ ۾ اڄ کان شروع ٿيندو. جنهن ۾ ھندو برادري جا مرد توڙي عورتون ميلي ۾ اچي ڪالڪا ماتا جي مندر تي پهچي پوجا پاٺ، ھون صاحب، جهنڊو صاحب ۽ بهرراڻو صاحب جون رسمون ادا ڪندا ۽ ڀڳت پڻ ٿيندي. ان موقعي تي سيڪورٽي ۽ ميڊيڪل ڪيمپن جو بندوبست به ڪيو ويوآھي.

پهنجو تبصرو موڪليو