ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻو فاسٽ بالر شعيب اختر مٿس قرضي آهي، هن کانئس ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ورتا، جيڪي اڃا باقي آهن.تازو ئي ثقلين مشتاق هڪ خانگي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ ڪرڪيٽ بابت کليل دل سان ڳالهايو.ميزبان جي هڪ سوال تي هن شعيب اختر جي تصوير ڏسي کيس ’شعبي‘ ۽ ’شعيب دي ايڪٽر‘ چيو ۽ ٻڌايو ته اهي ٻئي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان اڳ به ننڍپڻ کان دوست آهن. ٻئي هڪ ٻئي جي گهر ايندا هئا ۽ گڏجي دال روٽي کائيندا هئا.ڳالهه ٻولهه دوران شعيب اختر سان پنهنجي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هو تمام گهڻو جذباتي ماڻهو آهي، هو پنهنجو مذاق ڪندو آهي پر جيڪڏهن ڪو ٻيو مذاق ڪري ته ان کي خراب سمجهيو ويندو آهي. ثقلين مشتاق ماضي جون يادون ياد ڪندي چيو ته هڪ وقت هو جڏهن شعيب اختر کانئس ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ 250 رپيا قرض ورتو هو، جيڪو هن وقت تائين واپس ناهي ڪيو.هن چيو ته ان وقت ٻئي 25 ماڻهن جي ٽيم سان ڪراچي ميچ کيڏڻ آيا هئا، ان وقت ٻن رانديگرن کي هڪ ڪمري ۾ رهڻو هو، مان ۽ شعيب هڪ ئي ڪمري ۾ هئاسين.هن چيو ته ان وقت اسان کي روزاني الائونس نه ملندو هو، ساڍا ٻه هزار رپيا وٺي گهر ڇڏيندا هئا، مون وٽ ان رقم مان 250 رپيا بچيا هئا، جڏهن ته شعيب اختر جا پئسا ختم ٿي ويا هئا. جڏهن ته فلم ڏسڻ کان پوءِ شعيب اختر کي نئين پينٽ شرٽ خريد ڪرڻ جي خواهش هئي، ان ڪري هن باقي پئسن سان اهي ڪپڙا خريد ڪيا.ثقلين مشتاق جو وڌيڪ چوڻ هو ته شعيب اختر کي شاپنگ جو تمام گهڻو شوق هو، ٽيم جا ٻيا رانديگر به ڊڄندا هئا ته هو کيس قرض وٺڻ لاءِ چوندا.
پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو
پي پي اقتدار ۾ هوندي وفاق سان ناراض
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو