شهباز ۽ حمزه خلاف ريفرنس اينٽي ڪرپشن عدالت اماڻڻ جو حڪم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف رمضان شوگرملز ريفرنس اينٽي ڪرپشن عدالت ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت لاهور جي جج زبير شهزاد ڪياني وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف رمضان شوگرملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. وزيراعظم جو نمائندو انوار حسين عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته عدالت حمزه شهباز جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي.نيب پراسيڪيوٽر استدعا ڪئي هئي ته ريفرنس کي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ منتقل ڪيو وڃي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ نيب ريفرنس جي منتقلي تي اعتراض نه آهي.عدالت پهريان کان محفوظ ڪيل ۽ بعد ۾ نيب ترميم جي روشني ۾ رمضان شوگرملز ريفرنس اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو