شھدادپور:(ن س) شھدادپور لڳ پرھ ڦٽيءَ ڌاري چوري ڪرڻ لاء گھرن ۾ داخل ٿيندڙ چورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ سخت مزاحمت ٿيڻ تي چورن جي پنھنجي مبينہ فائرنگ ۾ سندن ئي چور ساٿي گولي لڳڻ سبب قتل 2 ڀاڳيا سخت زخمي قتل ٿيل چور ساٿي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، سڃاڻپ نہ ٿي سگهي.رپورٽ موجب شھدادپور ۾ ملدسي روڊ تي ڳوٺ گلڻ سولنگي لڳ زميندار ڄام مڪن جي زمين تي ويٺل پپو ۽ کيتو ڪولھي جي گھرن ۾ 5 نامعلوم چور چوري ڪرڻ لاء گھڙي اچڻ بعد گھر ڌڻين جي سجاڳ ٿيڻ ۽ گھرن ڀرسان بصر تي چوڪي ڏيندڙ ھاري ڀاڳين پاران چورن سان سخت مزاحمت ڪرڻ تي چورن جي ئي مبينہ ڪيل فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب سندن ئي هڪ ساٿي چور مارجي ويو، جنھن جي لاش کي سندن ئي چور ساٿي ڇڏي فرار ٿي ويا.جڏھن تہ فائرنگ سبب ھاري ڀاڳيا کيتو ڪولھي ۽ پپو ڪولھي سخت زخمي ٿي پيا اھڙي اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل چور جو لاش ۽ زخمي ڀاڳين کي سمس اسپتال آندوويو.زخمي ھاري ڀاڳين پپو ۽ کيتو ڀيل جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏھن تہ مارجي ويل چور جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، شهدادپور شهر ۾ چورين ڦرن ۽ ٻين ڏوھي وارداتن جي آزار ۽ اھڙي واقعي بعد علائقي اندر ڏھڪاء پکڙجي ويو آھي. پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.
صدارتي عهدي سبب آصف علي زرداري جا ٻڌل هٿ
ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي:خاقان عباسي
ديني مدرسن جي رجسٽريشن وارو مامرو، نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور
پ پ 15 سالن کان آهي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي
فوجي ٺڪاڻن تي حملو ٿيندو ته ٽرائل فوجي عدالتون ڪنديون: حڪومت
آرمي چيف پاران مسيحي برادري کي تهوار جي مبارڪباد پيش
ٽنڊي مستي ۾ روڊ حادثو، ٿڃ پياڪ ٻارڙي فوت، 3 زخمي
ناسا جو پارڪر مشن سج جي تمام ويجهو وڃڻ ۾ ڪامياب
فورسز جو ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن، 13 خوارج مارجي ويا
قازقستان ۾ مسافرن سان ڀريل آذربائيجان جو جهاز ڪري تباهه
گيس جي پيداوار ۾ گهٽتائي، 4 مهينن ۾ 53 ارب رپين جو نقصان
صدر ۽ نواز معاشي استحڪام جي ڪوششن ۾ آهن: وڏو وزير
شهدادپور ۾ چوري ايندڙ چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ، 1 ڄڻو قتل، 2 زخمي
پي ٽي آءِ قيادت کي سول نافرماني تحريڪ جاري رکڻ جي هدايت
پارا چنار ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب 100 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت
ڪميٽي مڪمل بااختيار آهي پر فيصلا پي ٽي آءِ باني کي ڪرڻا آهن
عامر خان پنهنجي خراب عادتن بابت ٻڌائي ڇڏيو
جسٽس منصور جي انتظامي جج ٿيڻ جي معذرت
پ پ اهم اتحادي آهي ۽ ڊجيٽل رائيٽس بل جي آجيان ڪندي
قائد جو جنم ڏهاڙو،گارڊز تبديلي،قومي قيادت پاران خراج پيش