شهدادپور ۾ گهريلو اڻبڻت تان مڙس گوليون هڻي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادپور:(ن س) شهدادپورلڳ آڌي رات جو کڏڙو مان مڙس کان ڪاوڙجي آيل نوجوان زال مائٽن جي گھر اندر مڙس پاران داخل ٿي مبينہ طور فائرنگ ڪري زال کي قتل ڪري فرار پوليس کي 8 ڪلاڪن بعد اطلاع ڏنو ويو.شهدادپور ڀرسان ملدسي جي علائقي ڳوٺ شاھ بيگ بروھي ۾ آڌي رات جو کڏڙو مان مڙس کان ڪاوڙجي آيل نوجوان زال ٻن ٻارن جي ماء فرزانہ بروھي ڌي پير محمد بروھي مائٽن جي گھر اندر مڙس رمضان بروھي پاران داخل ٿي مبينہ طور پسٽل جا سڌا فائر ڪري زال کي قتل ڪري فرار ٿي ويو اھڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي 8 ڪلاڪن بعد ڏنو ويو جنھن بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتڻ جو لاش تحويل ۾ وٺي عورت جي والد سان گڏ لاش کي سمس اسپتال شهدادپور آندو جتان ضروري ڪاروائي ٿيڻ بعد عورت لاش سندس والد حوالي ڪيو ويو. فوتڻ عورت جي والد ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ ٻن معصوم ٻارڙن جي ماء کي سندس مڙس رمضان بروهي آڌي رات جو گھر ۾ گھڙي بي گناھ قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. جوابدار کي فوري گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.. جڏھن تہ شھدادپور پوليس اھڙي واقعي جو ڪوبہ ڪيس وغيرہ داخل نہ ڪيو آھي نہ ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آندي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو