شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته شهرين جي آزادي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي، آئين ان جي ضمانت ڏني آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف علائقن مان گم ٿيل 6 شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.ان موقعي تي عدالت جاچ ادارن جي رپورٽن تي عدم اطمينان ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته توهان روايتي رپورٽون تيار ڪري عدالت کي مطمئن نٿا ڪري سگهو.عدالت ۾ جاچ آفيسر ٻڌايو ته جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جا ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن. سڄي ملڪ جي جيلن ۽ ٻين ادارن کي خط لکيا ويا آهن.ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته مقتول جي خاندان جي مالي مدد جي منظوري ڏني وئي آهي.عدالت ۾ مالي مدد جي آڇ تي خاندان سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو.گهرڀاتين جو چوڻ هو ته اسان کي محمد طاهر چاهيون ٿا، حڪومت طرفان جيڪا امداد ڏني وئي آهي ان کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪريون ٿا.درخواستگذار موجب محمد طاهر 2018ع کان ڪراچي جي علائقي نيو ٽائون مان گم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو