شهري گم آهن يا هني ٽريپ جو شڪار؟ درخواستگزار کي تعاون جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽن گم ٿيل شهرين جي گمشدگي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪندي درخواستگذار کي جاچ آفيسر سان تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ٽن گم ٿيل شهرين جي گمشدگي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته مهيا ڪيل موبائل فونن موجب ٽنهي ماڻهن جي آخري جڳهه لاڙڪاڻو هئي.عدالت پڇيو ته ڇا اهي ماڻهو ڪنهن تنظيم سان لاڳاپيل هئا، انهن ماڻهن جي گمشدگي بابت اڃا تائين ايف آءِ آر ڇو درج نه ڪئي وئي آهي؟ انهن ٽنهي ماڻهن جي وچ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ٽئي ماڻهو ڪنهن به تنظيم سان لاڳاپيل نه آهن، هڪ درخواستگذار شاهه جهان جو پٽ آهي ۽ ٻه سندس دوست آهن.عدالت پڇيو ته شاهه جهان کان سواءِ ڪنهن به درخواست ڇو نه داخل ڪئي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سندس مائٽ به عدالت ۾ موجود هئا، اهي ماڻهو بنون کان ڪنهن سان ملڻ آيا هئا.عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته اهي ماڻهو ڪراچي نه آيا هئا، انهن جي جاءِ لاڙڪاڻي ۾ آهي.عدالت چيو ته، “توهان عدالت ۾ غلط بيان ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ رڪارڊ ڏيکاري ٿو ته اهي سڀ لاڙڪاڻي ويا هئا.”عدالت درخواستگذار کي ٻڌايو ته هي هڪ هني ٽريپ ڪيس ٿي سگهي ٿو، ۽ کيس جاچ آفيسر سان تعاون ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنجيده ڪوششون ڪري سگهجن.عدالت بعد ۾ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو