ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شوبز، فيشن، ۽ موسيقي سميت ٻين شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن عيدالفطر جي موقعي تي مداحن لاءِ محبت ڀريا پيغام جاري ڪندي، انهن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. گهڻين شوبز شخصيتن پنهنجي نون تصويرن کي خاندان ۽ ٻارن سان گڏ شيئر ڪندي، مداحن کي عيد جون واڌايون ڏنيون. ٽيليويزن، ٿيٽر، ۽ سينيما سان لاڳاپيل شوبز ستارن عيدالفطر جي ڏينهن جي اهميت کي به اجاگر ڪيو ۽ مداحن کي اپيل ڪئي ته هو هن خوشي جي موقعي تي پنهنجن چوڌاري ماڻهن کي نه وسارين. ڪيتريون ئي اداڪارائون شاندار لباس ۾ پنهنجون نيون تصويرون شيئر ڪندي مداحن کي عيد مبارڪ چئي رهيون. جتي شوبز شخصيتن عيدالفطر جي موقعي تي مداحن کي مبارڪباد ڏني، اتي ئي ڪيترين ئي شخصيتن چنڊ رات تي ئي مداحن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو هو. ماهره خان، مهوش حيات، ڪبريٰ خان، جويريا سعود، سونيا حسين، اشنا شاهه، عريبا حبيب، حبا بخاري، همايون سعيد، فهد مصطفيٰ، احمد علي بٽ، صبا فيصل، سعديه امام، ناديا خان، مومل شيخ، فرحان سعيد، ۽ شهريار منور سميت ٻين شخصيتن پنهنجون فيملي ۽ اڪيلين تصويرون شيئر ڪندي، مداحن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي . ڪجهه شخصيتن انسٽاگرام پوسٽ شيئر ڪرڻ بدران، اسٽوريز ۾ مداحن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي، عيد جي مبارڪ ڏني.
