شوٽنگ بال دوستاڻي ميچ برابر، رانديگرن ۾ انعام تقسيم

بوزداروڏا(حسين ٽانوري) سروري ڪلب ۽ الشهباز اڪيڊمي جي دوستاڻي شوٽنگ بال مئچ بنانتيجي ختم ٿي وئي. خيرپور ۾  سروري شوٽنگ بال ڪلب حيدر آباد ۽ الشھباز اڪيڊمي وچ۾ دوستاڻي شوٽنگ بال  مئچ ٿي. سروري ڪلب هڪ رائونڊ کٽي ورتو. ٻئي رائونڊ ۾ آخري پوائنٽن تي خراب روشني سبب مئچ برابر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سروري شوٽنگ بال جي محمد علي شاھ، شازم پٺاڻ، عاصم پٺاڻ،  عبدالله سني، ذوالفقار سهتو، ڪليم الله قاضي، احمد مصطفي!، عبدالستار پٺاڻ ۽ الشهباز اڪيڊمي جي نادر ۽ معيز بهترين راند پيش ڪئي. آخر ۾ خاص مهمان پاڪستان شوٽنگ بال فيڊريشن جي سيڪريٽري سيد مدد علي شاھ، نائب صدر آغا عبدالصبور پٺاڻ، سيد ظفر علي شاھ، عبدالجبار پٺاڻ، حاجي خان محمد چنا، هدايت الله لاشاري، پروفيسر عتيق احمد ۽ ٻين رانديگرن ۾ انعام ورهايا.

پهنجو تبصرو موڪليو