شوڪت عزيز جو چيئرمين اين آءِ آر سي جو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جسٽس(ر) شوڪت عزز صديقي اين آءِ آر سي جي چيئرمين جو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج عهدو ڇڏڻ جي لاءِ هڪ مهيني جو نوٽيس ڏئي ڇڏيو، چيئرمين اين آءِ آر سي ايگريمينٽ رد ڪرڻ لاءِ صدر آصف زرداري کي به نوٽيس جي ڪاپي اماڻي ڇڏي آهي.اڳوڻي جج چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجون ذميواريون نٿو نڀائي سگهان. ياد رهي ته 2024 ۾ وفاقي ڪابينه اڳوڻي جج کي 3 سالن جي مدي لاءِ بطور چيئرمين اين آءِ آر سي منظوري ڏني هئي. هن وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج عهدو ڇڏڻ جي لاءِ هڪ مهيني جو نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو