شيخ حسينه جي خانداني ملڪيت ۽ بئنڪ اڪائونٽ ضبط

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)ڍاڪا جي عدالت اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي خانداني ملڪيتن ۽ بينڪ اڪائونٽن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، عدالت شيخ حسينه جي ڌان منڊي واري علائقي ۾ موجود گهر ’سودا سڌن‘ کي خاندان جي ٻين ملڪيتن سميت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالتي حڪم موجب، خاندان سان تعلق رکندڙ 124 بينڪ اڪائونٽس به ضبط ڪيا ويا آهن. اڱاري تيڍاڪا ميٽروپوليٽن جي سينيئر اسپيشل جج ذاڪرحسين غالب ڪرپشن روڪٿام ڪميشن (اي سي سي) جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو. شيخ حسينه جي ملڪيتن سان گڏوگڏ سندس پٽ سجيب وازيد جوئي، ڌيءَ صائمه وازيد پتل، ڀيڻ شيخ ريحانه، ۽ ڀاڻيجن ٽيولپ صديقي ۽ رضوان مجيب صديقي جون ملڪيتون به ضبط ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته 6 فيبروري تي بنگلاديش جي پرڏيهي کاتي شيخ حسينه جي بيانن تي ڀارتي حڪومت آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هوگذريل سال عوامي احتجاج کانپوءِ شيخ حسينه واجد بنگلاديش ڇڏي ڀارت هلي وئي هئي، جتي هن وقت به موجود آهي. سندس ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ نوبل انعام يافته محمد يونس جي قيادت ۾ هڪ عبوري حڪومت قائم ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو