پاڪستان جون 4 وڪيٽن تي 476 رنز، اننگ ڊڪليئر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن تي راند شروع ڪرڻ کان اڳ ٻنهي ٽيمن ليجنڊ آسٽريلوي اسپنر شين وارن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 476 رنز تي پهرين اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. پهرين ڏينهن عبدالله شفيق 44 رنز تي آئوٽ ٿي ويو هو جنهن بعد امام الحق 157 ۽ اظهر علي 185 تي آئوٽ ٿي ويا ۽ ڊبل سينچريون مڪمل نه ڪري سگهيا. بابر اعظم 36 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، محمد رضوان 29 ۽ محمد افتخار 13 تي ناٽ آئوٽ هئا ته اننگ ڊڪليئر ڪئي وئي. آسٽريليا جي اننگ جي شروعات عثمان خواجا ۽ ڊيوڊ وارنر اننگ شروع ڪئي. صرف هڪ اوور ٿيو ته گهٽ روشني سبب ميچ روڪي وئي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن پشاور ۾ مسجد اندر خود ڪش حملي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت لاءِ دعا پڻ ڪئي. پهرين .

پهنجو تبصرو موڪليو