شڪارپور ۾ پوليس کان هٿيارن جي ڀريل گاڏي ڦر، 3 اهلڪار گرفتار

شڪارپور (ن س )شڪارپور ۾ جيڪب آباد پوليس وٽان اڻڄاتل جوابدار هٿيارن سان ڀريل گاڏي چوري ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي بعد سب انسپيڪٽر، هيڊ انسپيڪٽر ۽ انسپيڪٽر کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب جيڪب آباد ٿاڻي جي صدر پوليس 2 آڪٽوبر تي هٿيارن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.رپورٽ موجب پوليس ڪارروائي دوران 138 نائن ايم ايم پستول ۽ 30 بور جو ميگزين هٿ ڪيو.اهلڪارن موجب هٿيارن کي چيڪنگ لاءِ لاڙڪاڻي جي ليبارٽري موڪليو پيو وڃي ته شڪارپور جي حد ۾ جوابدار هٿيارن سان ڀريل گاڏي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.رپورٽ موجب سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) چيو آهي ته اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد گرفتار اهلڪارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو