شڪيب الحسن جو سڀاڻي بنگلاديش پهچڻ جو امڪان

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)قتل ڪيس ۾ نامزد بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن جي سڀاڻي بنگلاديش پهچڻ جو امڪان آهي.بنگلاديشي ميڊيا موجب وطن واپسي تي شڪيب الحسن سڌو ٽيم هوٽل ۾ ويندو ۽ جمعي کان شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ شروع ڪندو.شڪيب الحسن جولاءِ کانپوءِ پهريون ڀيرو وطن واپس ايندو، جڏهن آگسٽ ۾ شاگرد تحريڪ دوران قتل ڪيس ۾ کيس نامزد ڪيو ويو هو.ان دوران شڪيب الحسن پاڪستان ۽ ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ به شرڪت ڪئي.شڪيب الحسن جي ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم ٽيسٽ سيريز ۾ شرڪت شڪي هئي پر هن بنگلاديش ۾ شاگردن جي تحريڪ جي معاملي تي خاموشي اختيار ڪرڻ تي معذرت ڪري ورتي.شڪيب الحسن کي اعليٰ حڪومتي عهديدارن گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ هو ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۾ شرڪت ڪندو، هو پنهنجي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ ڍاڪا ۾ کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو