صابڻ ۾ منشيات، سعودي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايئرپورٽ سڪيورٽي فورسز صابڻ جي ڊٻن ۾ لڪائي ڪراچي کان سعودي عرب اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.اي ايس ايف ترجمان موجب ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس ڪراچي ۽ پشاور ايئرپورٽس تي ڪارروايون ڪري 2 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو، جن جي قبضي مان منشيات هٿ ڪئي وئي.ترجمان موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي جده جي اڏام جي مسافر سلام الله جي قبضي مان 2.652 ڪلو گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي.ترجمان موجب پشاور ايئرپورٽ تي بحرين جي مسافر عاطف وٽان 700 گرام آئس هيروئن هٿ آئي، جنهن پنهنجي بيگ جي تري ۾ منشيات لڪائي رکي هئي، پر اي ايس ايف عملدارن ٻنهي مسافرن جي سامان جي تلاشي وٺڻ تي سندن سامان کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو. ڏنو ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ٻن مسافرن وٽان منشيات هٿ ڪري اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، جڏهن ته جوابدارن کي شروعاتي جاچ کانپوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اي اين ايف حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو