ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي عدالت صحافي فرحان ملڪ کي 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.ايف آءِ اي پاران صحافي فرحان ملڪ کي ڪراچي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت ايف آءِ اي جي درخواست تي فرحان ملڪ جو 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.صحافي فرحان ملڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صحافي فرحان ملڪ خلاف اڳ ئي جاچ جاري آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارروائي نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، ۽ ايف آءِ اي هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ ڪارروائي ڪئي هئي.ياد رهي ته ڪاله فرحان ملڪ کي گرفتار ڪيو ويو.
