صحافي فرحان ملڪ جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ صحافي فرحان ملڪ جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.صحافي فرحان ملڪ، جيڪو حراست ۾ آهي، ڪراچي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ ڪيس کي رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.درخواست ۾ سنڌ حڪومت، ايس ايس پي ايسٽ، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.عدالت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي عيد جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو