وحيد جي پيڪا قانون ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر، ريمانڊ منظور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) اسلام آباد سان تعلق رکندڙ صحافي وحيد مراد جي پيڪا قانون جي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا تي کيس 2 ڏينهن جي لاءِ ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو.رپورٽ موجب اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه صحافي وحيد مراد جي خلاف پيڪا ايڪٽ جي تحت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايف آءِ اي صحافي کي عدالت جي سامهون پيش ڪيو. وحيد مراد عدالت ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي سس ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آهي جيڪا علاج جي لاءِ ڪينيڊا کان هتي آيل هئي، رات دير سان پوليس اسان جي گهر جو درازو ڀڃي اندر داخل ٿي، سس کي به تشدد جو نشانو بنايو ويو. مون کي 20 منٽ اڳ ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي.وحيد مراد جي وڪيل ايمان مزاري عدالت کي ٻڌايو ته وحيد مراد کي حبس بيجا ۾ رکڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي. جج عباس شاهه پڇاڻو ڪيو ته وحيد مراد کي ڪڏهن گرفتار ڪيو ويو؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڪالهه رات گرفتاري عمل ۾ آندي وئي هئي، وحيد مراد تي پيڪا ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ٿيل آهي. پراسيڪيوٽر عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته صحافي وحيد مراد تي ادارن جي خلاف نفرت ۽ چڙ ڏيارڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. وحيد مراد آرمي چيف جي گهر ڀاتين جي حوالي سان احمد نوراني جي رپورٽ به شيئر ڪئي.عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته وحيد مراد سوشل ميڊيا تي بي ايل اي ۽ بلوچستان جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون انهن جي ايڪس ۽ فيس بڪ اڪائونٽس جي حوالي سان جاچ ڪرڻي آهي ۽ موبائل به ريڪور ڪرڻو آهي. وڪيل ايمان مزاري چيو ته وحيد مراد کي ايف آءِ اي پهريان نوٽيس جاري ڇو نه ڪيو؟ مددگار وڪيل بادي چٺا عدالت ۾ چيو ته صحافت هن ملڪ ۾ ڏوهه بڻجي وئي آهي ڏوهه ٿيو ئي ناهي ته عدالت ڊسچارج به ڪري سگهي ٿي ۽ جوڊيشل به ڪري سگهي ٿي، صحافين کي حراسان ڪرڻ جي لاءِ گرفتار ڪيو پيو وڃي.جنهن کان پوءِ عدالت ايف آءِ اي جي جسماني ريمانڊ جي استدعا منظور ڪري ورتي پر 10 ڏينهن جي بجاءِ 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي وحيد مراد کي ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو