صحبت پور ۾ گهر تي حملو، خاندان جا 7 ماڻهو مارجي ويا

صحبت پور (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي نصيرآباد ڊويزن جي صحبت پور ضلعي ۾ هڪ گهر تي حملو ڪيو ويو، پوليس موجب صحبت پور ۾ فائرنگ ۽ گهر ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ست ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ هڪ عورت ۽ ٽي ٻار شامل آهن.پوليس موجب، واقعو زمين جي تڪرار تي پيش آيو ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته حملي آورن جي ڳولا پڻ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو