صحت ڪارڊ ڏيو يا علاج ڪرايو، وزيراعظم کي زندگي بچائڻ جي اپيل

سانگهڙ (ن س ) سانگهڙ شهر جي رهواسڻ بي ايس سي فائنل، جي شاگردياڻي 20 سالا يمنا مبارڪ بلڊ ڪينسر جهڙي مرض ۾ مبتلا آهي ۽ سندس والدين غربت سبب علاج ڪرائڻ جي سگهه نٿا رکن. والدين وس وارن کي علاج جي اپيل ڪئي آهي. سندس وارثن جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو پهريان يمنا کي پيٽ جي سور جي تڪليف ٿي جنهن کانپو۽ ٽيسٽون ڪرائڻ کانپو۽ بلڊ ڪينسر جو مرض ٻڌايو ويو . ارڪاري اسپتالن ۾ علاج ناهي ۽ نجي اسپتال انتظاميا پاران يمنا جي علاج لا۽ 90 لک روپيا خرچ ٻڌايو ويو. يمنا جي والد مبارڪ علي جو چوڻ آهي ته هو صحت کاتي جو ننڍو ملازم آهي ۽ وٽس ايتري حيثيت نه آهي جو نياڻي جو علاج ڪرائي سگهي. يمنا جي والد وزيراعظم پاڪستان عمران خان کي اپيل ڪئي آهي يمنا جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي يا صحت ڪارڊ ڏنو وڃي ته جيئن نوجوان نياڻي جي حياتي بچي سگهي. ان موقعي تي يمنا مبارڪ چيو ته هو جيئڻ چاهي سندس علاج ڪرايو وڃي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو