بيجنگ (ويب ڊيسڪ)صدر آصف علي زرداري، چيني وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گريٽ هال آف دي پيپلز ۾ ٿيل ملاقات دوران صدر زرداري ۽ چيني وزيراعظم ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران پاڪ چين اقتصادي راهدادري جي ٻئي مرحلي تي به ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ توانائي، سائنس ٽيڪنالاجي، انفرا اسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر آصف علي زرداري ۽ چيني وزيراعظم لي چيانگ وچ ۾ ملاقات دوران بي ٽو بي ۽ خانگي شعبي جي رابطن ذريعي واپار ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ جي موقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به صدر آصف علي زرداري سان گڏ هئا. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته هو ترقياتي ايجنڊا لاءِ چين جي مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهن،علاقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سي پيڪ منصوبو اهميت جوڳو آهي، پاڪستان چين سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
اتر وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، 12 خارجي مارجي ويا، هڪ جوان شهيد
برطانيا روسي سفارتڪار کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي
فيفا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي
ڇا واقعي ملڪ ۾ سڀ ٺيڪ آھي
حيدرآباد ۾ وڪيلن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ برقرار، وڪيلن ھائي وي بلاڪ ڪري چڏيو
جڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ لاءِ 9 ايڊيشنل ججن جي منظوري ڏئي ڇڏي
چيف اليڪشن ڪمشنر جو ڪردار تڪراري ۽ مايوس ڪندڙ رهيو
جسٽس منصور علي شاهه موسمياتي عدالت ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي
ٻين صوبن جي شاگردن لاءِ ”هونهار اسڪالرشپ اسڪيم“ جي منظوري
مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل 4 پاڪستانين جا لاش ملڪ واپس پهچايا ويا
غزا تي قبضي جي رٿابندي، اسرائيلي فوج کي الرٽ رهڻ جو حڪم
ٽرمپ جو غزا بابت بيان تڪليف ڏيندڙ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار
بنگلاديشي عوام شيخ مجيب جي يادگار ۽ رهائشگاهه کي باهه ڏئي ڇڏي
پي ايف يو جي پاران پيڪا ترميمي ايڪٽ عدالت ۾ چيلينج
صدر جي چيني وزيراعظم سان ملاقات، لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق
رمضان شوگر ملز ڪيس، وزيراعظم ۽ سندس پٽ حمزه شهباز بري
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ لک 12 هزار جي حد بحال، ڊالر سستو
ڪوئيٽا: 90 ماڻهن جو پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار، 5 گرفتار
پي اي سي اي قانون خلاف صحافين جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور
ڪرڪ ۾ پوليس چوڪي تي شرپسندن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد